SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Nixon Doctrine

(click word to listen sound
  • 🔊
  • nixon
  • dɔktrin
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Nixon Doctrine

نڪسن ڊاڪٽرين

نڪسن جو نظريو

آمريڪا جي صدر رچرڊ نڪسن جي خيالن تي ٻڌل اصولن کي ”نڪسن جو نظريو“ سڏجي ٿو، ساڳئي وقت اُن کي ”گُئام نظريو“ به سڏيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته ان نظريي جا مُک اصول آمريڪا جي ”گُئام“ شهر ۾ 25 جولاءِ 1969ع ۾ پيش ڪيا ويا هئا. هن نظريي کي سندس خالق جي صدارتي دور ۾ آمريڪي پرڏيهي نيتيءَ جو بڻياد بڻايو ويو. ان نظريي جو مقصد ملڪ ۾ ناڻي جي ڦهلاءَ ۽ بيروزگاريءَ ۾ ڪمي ڪرڻ، ادائيگيءَ جي توازن ۾ خساري کي گهٽائڻ، ويٽنام ۾ آمريڪي مداخلت ختم ڪرڻ ۽ ڪنهن ٻئي عالمي مسئلي ۾ ڄنگهه اڙائڻ کان پاسو ڪرڻ هو. هن نظريي جي وجود ۾ اچڻ جو سبب ويٽنام جي جنگ هئي، جنهن ۾ ڦاسڻ کان پوءِ آمريڪا اتحادين کي پنهنجا دفاعي خرچ پاڻ برداشت ڪرڻ جي صلاح ڏني. البت ائٽمي حملي جي صورت ۾ آمريڪا، اتحادين جي حفاظت ۽، ٻاهرين جارحيت جي صورت ۾ اتحادي رياستن جي مدد ڪرڻ جي ذميواري کنئي. جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪا طرفان فوجي سهڪار جو هڪ نئون باب کُلي پيو.


Remember Me Also:

فانوس

ذ. ع. ف بَتيءَ جو هڪ قسم ، بتيءَ رکڻ جو شيشي جو چورس باڪس جو بتيءَ کي هوا کان بچائي شمعدان ، قَندِيلُ. هَنڍِي ل.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal